پيرزاده قاسم رضا

پيرزاده قاسم رضا

قاسم رضا پيرزاده

قاسم رضا پيرزاده : ناميارو اديب ۽ تعليمدان، ڊاڪٽر پيرزاده قاسم رضا جو پورو نالو پيرزاده قاسم رضا ولد ضياءِ صديقي آهي. هن 8 فيبروري 1943ع تي دهليءَ ۾ جنم ورتو. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. ايس. سي (آنرز) ۽ ايم. ايس. سي ڪرڻ بعد انگلــنـڊ مان پـي. ايڇ. ڊي ڪئي. هـن 1975ع کان 1978ع تـائيـن بـرطانـيـه جي ’يونيورسٽي آف نيوڪيسل اپان ٽائن‘ ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور خدمتون سرانجام ڏنـيـون، بـعـد ۾ ڪـراچـي يـونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. اتي هن ڊائريڪٽر اسـٽـوڊنـٽ افـيـئـرز، فـزيالاجي شعبي جي سربراهه، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ۽ پرو وائيس چانسلر طور ذميواريون نڀايون، هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي، اهو سندس ٻيو ٽينيوئر (مدو) آهي، ان کان اڳ هو وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. تعليمي ميدان ۾ کيس لڳ ڀڳ چاليهن سالن جو تجربو آهي، ان کانسواءِ ادب جي دنيا ۾ به سندس وڏو نالو آهي. هو اردوءَ جو سٺو شاعر آهي، سندس والد ضياءُ صديقي توڙي ڏاڏو رياض الدين ’بسمل‘ به سٺا شاعر ٿي گذريا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.02.08  عيسوي

پيرزاده قاسم رضا 8 فيبروري 1943ع تي دهليءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دوستو وسڪي
محمد ابراهيم ٽکڙائي
تورپيو مسڻ
محمد وريل سومرو
پرسرام پارو مل
رضا رباني
سيد نور محمد شاهه
ڏاهري محمد ادريس
ابوبڪر احمد حليم پروفيسر
عبداللطيف بنگلزئي حاجي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون